دنيا جون سڀئي ٻوليون اوائلي سنڌو ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن: امر فياض ٻرڙو
انسان هاڻ مشيني ڏاهپ ڏانھن واجهائي ٿو: ڊاڪٽر شير مھراڻي
مصنوعي ڏاهپ انساني ڄاڻ گڏ ڪري ڪرشماتي موٽ ڏئي ٿي: مباحثي ۾ اظھار
حيدرآباد (پ ر) 30 جنوري 2026ع:
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”هٿرادو ڏاهپ ۽ سنڌي ٻولي“ سلسلي جي ٻئين پروگرام ۾ نامياري ٻوليءَ انجنيئر ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ ماهر امر فياض ٻرڙي سان ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مصنوعي ڏاهپ جو بنياد ورڊ نيٽ سرشتي تي آڌاريل آهي، فردن، ادارن ۽ ميڊيائي ذريعن سان وڌ کان وڌ سنڌي ٻوليءَ، تھذيب، ثقافت ۽ تاريخ جي ڄاڻ ٽيڪنالاجيءَ ۾ داخل ڪرڻ سان ئي مصنوعي ڏاهپ مستند معلومات ڦھلائيندي. مباحثي جي ميزبان اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ چيو ته رگويد ۾ 51 هنڌن تي سنڌو نديءَ جو ذڪر آهي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو تھذيب ۽ ٻولي نهايت آڳاٽي آهي. ان تي امر فياض ٻڌايو ته اڪثر ماهرن ۽ محققن Proto-Indian يعني 'اوائلي سنڌو ٻوليءَ' کي ٻين هڙني ٻولين جي ماءُ قرار ڏنو آهي، اسان کي پنھنجي تھذيب، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي جي بنياد کي سمجهڻو پوندو، تڏهن ئي مشيني دور ۾ سنڌ جي منفرد سڃاڻپ کي متعارف ڪرائي سگهنداسين. هن ٻڌايو ته مشيني ڏاهپ احساسن کان آجي ۽ انساني حڪم جي طابع آهي. هاڻي ويبسائيٽن جو زمانو ويو، ويب پورٽل کان به اڳتي وڃون پيا ۽ سرچ انجڻ وارو نظام هاڻ AEO کان به اڳتي وڌي GEO يعني جنريٽنگ انجڻ آپٽيمائيزيشن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنھن تحت مائڪرو سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ يعني هٿوهٿ نتيجا ملڻ شروع ٿيا آهن. امر فياض 'ڀٽائي پيڊيا' جي حوالي سان ٻڌايو ته ان ويب پورٽل تي دنيا مان روزانو 70 کان 80 هزار ماڻهو معلومات وٺڻ لاءِ واجهائين ٿا، جن مان 15 هزار کن ته اي. آءِ ايجنٽ آهن! ان لحاظ کان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي صاحب بابت مستند معلومات يا ڪنھن به موضوع تي اعتماد جوڳي ڄاڻ کي مشين به ترجيح ڏئي ٿي. لطيفيات هجي، سنڌي ٻولي يا تھذيبي ورثي جي ڄاڻ، ان کي نئين رخ سان مشيني سرشتي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لاڀائتي ڄاڻ تي مشتمل هي انٽرويو ستت ئي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سوشل ميڊيا پيجن تي نشر ڪيو ويندو