-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۽ ٻولي: آئيندي جي مارڪيٽ ۾-ليڪچر
سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۽ ٻولي: آئيندي جي مارڪيٽ ۾-ليڪچر
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ليڪچر سيريز هيٺ " سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۽ ٻولي: آئيندي جي مارڪيٽ ۾" جي عنوان هيٺ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي جو ليڪچر منعقد ڪيو ويو. افتتاحي خطبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ' آئون سمجهان ٿو تہ اڄ والدين، عالم ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ اها ڳڻتي محسوس ڪن ٿا تہ ايندڙ نسلن وٽ اسان جي ٻوليءَ جي شڪل ڪھڙي هوندي؟ ڇوته هن دور ۾ اهي ماڻهو موجود آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيا، کي سنڌي ٻوليءَ جو الڪو رکندڙ استاد ۽ والدين مليا، انهن ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا پڙهيا ۽ ٻوليءَ لاءِ وٽن محبت هئي، پر هاڻ جو ٻار جيڪو گهڻ ٻوليائي تعليمي سرشتي ۾ پڙهي ٿو، ڌارين ٻولين سان واهپي ۾ آهي، سو جڏهن ماءُ پيءُ جي درجي کي پهچندو ته انهن جي ٻارن جي ٻولي ڪيئن هوندي، ۽ اهو نسل جڏهن پنهنجن ٻارن ۾ ٻولي منتقل ڪري رهيو هوندو، ته ان وقت ٻولي ڪھڙين تبديلين مان گذري رهي هوندي؟ اها ڳڻتي يقينن جائز آهي، پر ان جي باوجود مايوسيءَ جي صورتحال نه آهي، جو اسان جا ادارا، عالم، اديب، استاد ۽ ادارا ٻوليءَ بابت سوچي رهيا آهن ۽ مسلسل پنهنجي حصو جو ڪم به ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ کي للڪارون ضرور آهن، پر ان کي مرڻ جو خطرو نه آهي. هن چيو تہ اسان جي سرڪار ۽ والدين کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، جيئن خانگي اسڪول سنڌي ٻوليءَ کي پڙهائڻ کي ترجيح ڏين. امر فياض نئين دور جو محقق ۽ ٻولي ماهر آهي، جيڪو پنھنجو الڳ نڪتئه نظر رکي ٿو.
سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر ۽ ليڪچرڪار امر فياض ٻرڙي ڳالهائيندي چيو ته" اڄ جي دور ۾ ڪئين نيون ڳالهيون سامهون آيون آهن، جن بابت دنيا ۾ ٻڙڌڪ متل آهي، پر مک ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون نٿيون اچن. اسان کي هڪ سنڌيءَ طور پنھنجي ٻوليءَ جي اهميت، تاريخ ۽ دنيا جي تهذيبي سفر ۾ ان جي حصيداريءَ جي خبر ئي نه آهي. ان ڪري ايندڙ وقت ۾ مارڪيٽ ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي ۽ ڪيئن هوندي، اسان کي ان جو مڪمل ادراڪ نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ مارڪيٽ جو تصور دڪان ناهي، پر اهڙي مارڪيٽ آهي، جيڪا اوهان جي هٿن ۽ گهرن ۾ اچي وئي آهي، اهڙي مارڪيٽ جتي انسان پنھنجا گڙدا کپائي،موبائيل خريد ڪري رهيو آهي. ان صورت ۾ مشينن وسيلي ترقي ڪندڙ ماڻهوءَ کي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته هن جي لوڪ ڏاهپ ئي هن جو اصل اثاثو آهي،جنھن کي نانين ڏاڏين کان سکي هن تهذيب جو اوج ماڻيو. هن چيو تہ تهذيبن جا خالق اڻ پڙهيل ماڻهو هئا، هر قسم جي فن ۽ ٽيڪنالاجي جا خالق به اهي ئي هئا. انهن ماڻهن کان منهن موڙي اسان ترقي نٿا ڪري سگهون. انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي وڌڻ پوندو. جديد ترين سائنسي ۽ فلسفياڻي تحقيق به ان نتيجي تي پهتي آهي ته ماڻهو مستقبل ۾ مشينن جي وچ ۾ جيئندو، ته هو پاڻ جهڙن ماڻهن سان ڳالهائڻ ۽ اندر اورڻ لاءِ سڪي مرندو. اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ موجود لوڪ ڏاهپ کي محفوظ ۽ منقل ڪرڻ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. اها ئي ماڻهن کي پنهنجي اصل سان ڳنڍي رکندي. هن دور ۾ ماڻهوءَ جو ماڻهو سان رابطو گهٽجي ويو آهي اڳي انسان سان ڪو مسئلو ٿيندو هو تہ ٻئي پاڻ جهڙي انسان سان مشورو ڪندو هو، رهنمائي وٺندو هو. هاڻ مٿي جي سور لاءِ به مشين، گوگل، اي آء جي مدد ٿو وٺي. مشين ماڻهوءَ جي اندر ۽ ڪيفيت کي سمجهڻ جي اهل ناهي. هن چيو ته شاھ لطيف دنيا جو وڏو شاعر آهي، پر اسان شاه کي دنيا جي عالمن اڳيان رکيو ئي ناهي، ان صورت ۾ دنيا ڪيئن قبول ڪندي ته لطيف جو مقام ڇا آهي. اهو اسان کي پنهنجي ڪم سان ثابت ڪرڻو پوندو. هن چيو تہ ايندڙ وقت جي مارڪيٽ کي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۾ گهڻو ڪجھ موجود آهي، پر نوجوانن کي ان طرف تياري سان اچڻو پوندو.
ليڪچر پروگرام ۾ اديبن، شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ڊاڪٽر عبدالقادر ( اي. ڪيو انصاري)…27 جولاءِ، 2026ع -
سنڌ جي مشھور شاعر نياز همايوني…11 اپريل، 2026ع -
سچل سرمست جي شاعري ۾ ٻوليءَ…05 مارچ، 2026ع -
گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو…21 فيبروري، 2026ع -
هٿرادو ڏاهپ ۽ سنڌي ٻولي30 جنوري، 2026ع