سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري
پاران ڊي ميڊيا فورم جي سهڪار سان اڄ ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ "اليڪٽرانڪ ميديا
۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو" جي عنوان هيٺ پي ٽي وي،
سنڌي ٽي وي چئنلن ۽ ايف ايم ريڊيو جي ميزبانن، خبرون پڙھندڙن، اينڪرن، اداڪارن ۽
راڳين لاءِ هڪ ڏينهن جو سکيا ورڪشاپ ٿي گذريو، جنھن ۾ نامور ليکڪا ۽ ٻولي ماهر
ڊاڪٽر فهميده حسين، نامور اڳوڻي ٽي وي ميزبان ۽ ايم اين اي مهتاب اڪبر
راشدي، ميڊيا ڪميونيڪيشن شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊرامه نگار آغا
رفيق ۽ نامور ليکڪ ۽ ميزبان محمود مغل سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ
ٻوليءَ جي مسئلن، معيار ۽ ٽي وي چئنلن جي مجموعي رويي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه
ڪئي. هن ورڪشاپ جي مقصدن تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر
اسحاق سميجي تفصيلي روشني وڌي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي وڌي
معياري بڻائڻ لاءِ اينڪرن ۽ ميزبانن جي ذاتي ذميدارين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن
ته تقريب جي اختتام تي ميڊيا فورم جي اڳواڻ سجاد سهاڳ سڀني جا ٿورا مڃيا. هن
ورڪشاپ ۾ بخشڻ مهراڻوي، سڪندر بلوچ، نازيه ميمڻ، شهلا گل، نجف علي، عامر شاهه،
نصير گوپانگ، ناجيه مير، شبنم موتي، باک پيرزادو، حيلا نثار مرکياڻي، پرهه سيد،
علي رضا ڪٽپر، نجمہ سيد، شازيه ڪريم، بينا ذوالفقار، علي ڀنگر، ممتاز ڪنڌر، بخت
بوزدار، طاهره وزير، سنڌيا سومرو، سهڻي پارس، عرفان محبوب، سورج ڪمار، ثناءُ الله
هاشماڻي، محمد عثمان ميمڻ، مصطفيٰ عباسي، امر پيرزادو، صبا ابڙو، زبير کهڙو، فرخ
اورنگزيب، فوزيه اعجاز، اسد آزاد، سبينا شهباز، قاضي هالار احمد ۽ ٻين نامور
ميزبانن، راڳين، اينڪرن ۽ خبرون پڙھندڙن شرڪت ڪئي.