نياز همايوني تھذيب، تمدن، تاريخ ۽ سنڌ جو قومي شاعر ٿي گذريو؛ جنھن نوان موضوع ڏنا. تاج جويو
خوشنصيب آهيون جو علامه آءِ آءِ قاضي جھڙي شخصيت جو جنم اسانجي ڌرتيءَ تي ٿيو. نياز پنھور
سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو هميشه پنھنجن محسنن کي ياد ڪندو رهي ٿو: ڊاڪٽر شير مھراڻي
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي مشھور شاعر نياز همايوني جي 96 هين سالگرهه ۽ سنڌ جي جڳ مشهور عالم علامہ آءِ آءِ قاضي جي 58 هين ورسي جي مناسب سان آن لائين مذاڪرو ڪرايو ويو. جنهن ۾ نياز همايوني بابت ڳالهائيندي سنڌ جي نامياري اديب تاج جويي چيو تہ " نياز همايوني برصغير جي ورهاڱي کان اڳ شاعري شروع ڪئي ۽ هو آزادي جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، هُن شاعري ۾ نيون شيون ۽ نوان موضوع ڏنا جڏهن تہ طويل نظم لکڻ ۾ سندس وڏو حصو آهي. هن چيو ته نياز همايوني گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو، هُن حيدرآباد جي طبي ڪاليج ۾ پڙهايو ۽ شڪارپور ۾ حڪمت پڻ ڪئي. طب تي ٽي ڪتاب پڻ لکيا. هن وڌيڪ چيو تہ نياز مختلف ٻوليون ڄاڻيندو هو، هن شاعري کانسواءِ ترجمي تي پڻ ڪم ڪيوز سائين جي ايم سيد جي ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو جڏهن ته امام خميني جي شاعري جو"راه عشق" جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو بہ ڪيو. هو شيخ اياز جيان سنڌ جو قومي شاعر آهي. سنڌ جي جڳ مشهور عالم علامه آءِ آءِ قاضي بابت ڳالھائيندي نامياري اديب ۽ صحافي نياز پنھور چيو تہ " اسان خوشنصيب آهيون جو علامہ آءِ آءِ قاضي جھڙي شخصيت سنڌ جي مٽي مان جنم ورتو، جنھن پنھنجي تعليم جو سلسلو حيدرآباد کان شروع ڪيو پوءِ علي ڳڙهه ۽ لنڊن مان علم حاصل ڪيو، هُو علم جو پياسو هو جنھن پاڻ کي خاص علم تائين محدود نہ رکيو پر کيس هر علم جو تجسس هو اهو ئي سبب هو جو کيس ڪيمسٽري، فزڪس، فلسفي ۽ قانون جي علم تي پڻ عبور هو. علامه صاحب علم جي اها اُڃ سنڌ کڻي آيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جتي هن سائنس جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته علامہ آءِ آءِ قاضي علم، ادب ۽ شاعري تي بہ ڪم ڪيو، شاھ لطيف جي شاعري کي ترتيب ڏنو ۽ پنهنجي وني ايلسا قاضي سان گڏ شاهه جي رسالي تي ڪم ڪيو، هن جيترو ڪم ڪيو ۽ جهڙي سندس خدمت آهي ان حساب سان اسان کيس صرف وفات ۽ جنم ڏينهن تي ياد ڪريون؛ اها ساڻس ناانصافي آهي. آن لائين مذاڪري جي ميزباني ڪندي اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري هميشه پنھنجن محسنن کي ڀيٽا ڏني آهي. هن چيو ته " علامہ آء آء قاضي وٽ سنڌ ۾ آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽي جو تصور هو. هُن چاهيو ٿي ته سنڌ يونيورسٽي به ان معيار جي يونيورسٽي هجي. يونيورسٽي کي جڏهن ڪراچي مان ڄامشوري منتقل ڪيو ويو تہ هر ڪم جي نگراني پاڻ ڪئي. نياز همايوني بابت ڳالھائيندي ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو تہ هو سنڌ جو نمائنده شاعر آهي؛ سندس شاعري ۾ ان دور جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻئي شخصيتون سنڌ جي تاريخ ۾ انتھائي اهم حيثيت رکن ٿيون.